نصيرآباد: ايري گيشن کالوني ميں گٽر ميں گر کر 2 بچياں جاں بحق

ضلعي جي علائقي نصيرآباد ۾ انتظاميا جي سخت غفلت ۽ لاپرواھيءَ سبب ھڪ ھ دلخراش واقعو پيش آيو آھي، جتي ايري گيشن ڪالونيءَ ۾ کليل گٽر ۾ ندڙ معصوم ٻھ ٻارڙيون موتمار حادثي جو شڪار ٿي فوت ٿي ويون آھن. ھن دل ڏاريندڙ واقعي سڄي علائقي ۾ سوڳ جي لھر پيدا ڪري ڇڏي آھي ۽ مقامي شھرين اندر انتظاميا خلاف سخت غم غصي جو اظھار ڪيو پيو وڃي. وارثن ۽ مقامي ماڻھن موجب، معصوم ٻارڙيون پنھنجي گھر جي ويجھو کيڏي رھيون تھ اتي موجود کليل گٽرن جي حفاظت لاءِ ڪي پڻ اپا نھ ورتا ويا ھئا، جنھن جي نتيجي ۾ اھي اڻھوندڙ حادثي جو شڪار ٿي گٽر ۾ ڪري پيون.واقعي جي اطلاع ملندي ئي مقامي ماڻھو پنھنجي مدد پاڻ تحت فوري طور تي موقعي تي پھتا ۽ ٻارڙين کي گٽر مان ٻاھر ڪڍي اسپتال کڻي ويا، پر اسپتال پھچڻ کان اڳ ئي اھي ٻھئي معصوم حياتيون پنھنجي ھاڃي جو شڪار ٿي چڪيون ھنيون. اسپتال انتظاميا پاران ٻارڙين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي، جنھن کان پوءِ سندن لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. وارثن جو روئي روئي بي حال ٿي چڪو آھي ۽ سندن گھر ۾ ڪھرام مچيل آھي. مقامي ماڻھن جو چوڻ آھي تھ علائقي ۾ گٽرن جا ڍڪ اڪثر غائب آھن جنھن جي بارھ ۾ ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل کاتي ۽ تعلقي انتظاميا کي شڪايتون پڻ ڪيون وييون، پر ڪنھن بھ قسم جو نوٽيس نھ ورتو ويو.ھوڏانھن، ھن افسوسناک واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي وئي آھي تھ فوري طور تي غفلت جا مرتکب لاڳاپيل عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي تھ جيئن آئندھ اھڙن دلخراش واقعن جي روڪٿام ممڪن ٿي سگھي. شھرين جو چوڻ آھي تھ شھر اندر صفائي سٿرائي ۽ کليل گٽرن جو مسئلو ڏينھون ڏينھن سنگين ٿيندو پيو وڃي پر ميونسپل انتظاميا مڪمل طور تي خاموش تماشائي بڻيل آھي. ھن وقت سڄي نصيرآباد ۾ سوڳوار ماحول ڇانيل آھي ۽ فوتي ٻارڙين جي جنازي نماز ۾ وڏي تعداد ۾ شھرين شرڪت ڪئي آھي، جڏھن تھ شھري انتظاميا کان فوري انصاف ۽ ذميوارن کي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪري رھيا آھن.