سکر جي صالح پٽ واري علائقي ۾ ڳوٺاڻن مانگر مڇ (وانگو ) پڪڙي ورتو،

سکر جي صالح پٽ واري علائقي ۾ ڳوٺاڻن مانگر مڇ (وانگو ) پڪڙي ورتو، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته مانگر مڇ جو ٻچو ڪينال مان نڪري زرعي زمين ۾ رهندو هو. هنن چيو ته 4 فُٽ جو مانگر مڇ پڪڙي ڪري وائلڊ لائيف عملي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي وائلڊ لائيف کاتي جا عملدار کڻي ويا آهن، نارا ڪينال ۾ وڏي تعداد ۾ مانگر مڇ موجود آهن، ڪيترائي ڀيرا مانگر مڇ ڪينال مان ٻاهر نڪري جانورن کي کائي ويندا آهن ۽ ڪجهه سال اڳ به صالح پٽ ۾ مانگر مڇ نينگري کي کائي ويا هئا جنهن جي هن وقت تائين خبر نه پئجي سگهي آهي. مانگر مڇ سبب علائقي ۾ خوف ڇانيل رهندو آهي.