فتنالھندوستان خلاف کارروائياں،

فتنا الھندوستان خلاف کارروائياں بلوچستان ۾ جاري آھن، جن ۾ سکيورٽي فورسز ني 4 دھشتگردن کي ھلاڪ ڪيو. ان دوران، پاڪ فوج جي ميجر وجاھت وحيد پڻ شھيد ٿي ويا. بلوچستان جي ضلع قلات ۽ گوادر ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز کي انجام ڏنو ويو.آئي ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز جي ان ڪارروائي ۾ خاص طور تي انٽيليجنس جي مدد سان نشاندھي ڪئي وئي، جنھن سان دھشتگردن جي موجودگي کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي. ان دوران، مختلف مقامات تي آپريشنز کي انجام ڏنو ويو، جنھن ۾ فتنھ الھندوستان جي سرگرمين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.ميجر وجاھت وحيد جي شھادت سان، فوج جي حوصلن ۾ واڌارو آيو آھي، ۽ ان جي قرباني کي قوم ھميشھ ياد رخندي. بلوچستان ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ سڪيورٽي فورسز جي ڪوششون جاري آھن، ۽ ان قسم جي آپريشنز کي مستقبل ۾ بھ جاري رکڻ جو عزم ڪيو ويو آھي.سڪيورٽي فورسز جي ان ڪارروائي سان واضح ٿي ويو آھي تھ فتنھ الھندوستان جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي عزم ۾ ڪا بھ گھٽتائي ناھي. ان قسم جي آپريشنز سان، بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششون جاري رھنديون.