اسلام آباد:
ٻارن جون فحش ۽ غيراخلاقي وڊيوز ٺاھڻ جي الزام ھيٺ اسلام آباد مان ھڪ پيءُ کي گرفتار ڪيو ويو آھي. نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر محمد شعيب خان پريس ڪانفرنس دوران انڪشاف ڪيو تھ گرفتار جوابدار پنھنجي ئي ٻارن سان جنسي زيادتي جون وڊيوز ٺاھي آن لائن وڪرو ڪندو ھو.
حڪام موجب جوابدار ھڪ منظم عالمي نيٽورڪ جو حصو آھي، جيڪو ٻارن جي جنسي استحصال (چائلڊ ابيوز) تي ٻڌل مواد تيار ڪرڻ ۽ پکيڙڻ ۾ ملوث آھي. جوابدار جي قبضي مان اھم ڊجيٽل ثبوت ھٿ ڪيا ويا آھن، جڏھن تھ ان نيٽورڪ ۾ شامل سندس ٻين ساٿين جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا ھنيا پيا وڃن. ايڊيشنل ڊائريڪٽر چيو تھ اھڙي قبيح ڏوھھ ۾ ملوث ڪنھن بھ ماڻھوءَ کي بخش نھ ڪيو ويندو.
تحقيقاتي اداري موجب، چائلڊ پورنوگرافي جھڙا ڏوھھ مالي فائدي ۽ بليڪ ميلنگ لاءِ ڪيا وڃن ٿا، جيڪي پوري سماج ۽ ٻارن جي تحفظ لاءِ ھڪ سنگين خطرو آھن. ھن واقعي بعد اختيارين شھرين ۽ والدين کي تاڪيد ڪئي آھي تھ ھو ٻارن جي حفاظت ۽ انٽرنيٽ جي سرگرمين بابت وڌيڪ ھوشيار ۽ چوڪس رھن.
ٻئي پاسي سماجي حلقن پاران واقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي مطالبو ڪيو ويو آھي تھ جوابدار کي قانون موجب سخت ترين سزا ڏني وڃي ۽ اھڙن نيٽورڪن جي خاتمي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ڳجھي نگرانيءَ جو نظام وڌيڪ سخت ڪيو وڃي.