ھڪ اسرائيلي اداڪار لائيو شو دوران پنھنجي احساسن جو اظھار ڪندي چيو آھي تھ ھو ھاڻي اسرائيلي ھجڻ تي اڳ وانگر فخر محسوس نٿو ڪري.اداڪار پنھنجي گفتگو ۾ چيو تھ موجودھ حالتن سندس سوچ ۽ احساسن تي اثر وڌو آھي، جنھن سبب ھو پنھنجي قومي سڃاڻپ بابت بھ پريشان آھي. سندس چوڻ ھو تھ ملڪ جي موجودھ صورتحال کيس ڏک ۽ اداسي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي.اداڪار وڌيڪ چيو تھ ھو پنھنجي فن ذريعي سماج ۾ مثبت تبديلي ۽ شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي، پر موجودھ حالتن ۾ کيس پنھنجي ڪوششن جا اثر محدود محسوس ٿين ٿا.سندس بيان کانپوءِ مداحن ۽ سوشل ميڊيا صارفين ۾ بحث شروع ٿي ويو