سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ حيدرآباد ۾ روڊ جي تعمير واري منصوبي بابت وضاحت ڪندي چيو آھي تھ روڊ جي تعمير دوران بجلي جا ٿنڀا ھٽائڻ جي ضرورت نھ ھئي.وڏي وزير موجب، روڊ جو منصوبو عوامي سھولتن ۽ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي تيار ڪيو ويو آھي، جڏھن تھ تعميراتي ڪم ۾ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي آھي.مراد علي شاھھ چيو تھ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان حيدرآباد ۾ آمدرفت جون سھولتون بھتر ٿينديون ۽ شھرين کي سفر ۾ آساني ملندي.ھن وڌيڪ چيو تھ حيدرآباد ۾ روڊن جي تعمير سان گڏ ٻين عوامي ڀلائي وارن منصوبن تي پڻ ڪم جاري آھي، جن جو مقصد شھري زندگي کي بھتر بڻائڻ آھي.