سوانا باتھ جو اثر

سونا باٿ جو اثر، ھڪ سيشن سان بھ مدافعتي نظام ۾ تبديليون اچڻ جو امڪان

ھڪ نئين تحقيق ۾ دعويٰ ڪئي وئي آھي تھ سونا باٿ جو صرف ھڪ سيشن بھ جسم جي مدافعتي نظام ۾ عارضي تبديليون آڻي سگھي ٿو. تحقيق موجب، سونا باٿ دوران جسم جو گرمي پد وڌڻ سان مدافعتي نظام سان لاڳاپيل ڪجھھ عمل سرگرم ٿي سگھن ٿا.تحقيق ۾ شامل سائنسدانن جو چوڻ آھي تھ گرميءَ جي اثر سبب جسم ۾ رت جي گردش ۽ ڪجھھ مدافعتي سرگرمين ۾ تبديليون اچي سگھن ٿيون. بھرحال، انھن تبديلين جو مطلب اھو ناھي تھ سونا باٿ بيمارين کان مڪمل تحفظ فراھم ڪري ٿو.ماھرن موجب، سونا باٿ سان ڪجھھ ماڻھن کي سڪون محسوس ٿي سگھي ٿو ۽ ذھني دٻاءُ ۾ عارضي گھٽتائي اچي سگھي ٿي، پر جسم مان زھريلا مادا خارج ڪرڻ يا سردي ۽ فلو کان بچاءَ بابت دعوائن لاءِ وڌيڪ سائنسي ثبوتن جي ضرورت آھي.صحت جي ماھرن جو چوڻ آھي تھ سونا باٿ ھر ماڻھو لاءِ مناسب ناھي. خاص طور تي دل يا بلڊ پريشر جا مسئلا رکندڙ ماڻھن کي ان جي استعمال کان اڳ ڊاڪٽر سان صلاح ڪرڻ گھرجي.