برطانيا جي شھر مانچسٽر ۾ ھڪ مقدمي جي ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو ويو تھ ھڪ عورت کي سندس مڙس مبينا طور نشي آور دوائون ڏئي بي خبريءَ جي حالت ۾ ٻين مردن ھٿان جنسي تشدد جو نشانو بڻائيندو رھيو.عدالتي ڪارروائي دوران ٻڌايو ويو تھ عورت ڪيترن سالن کان پنھنجي ازدواجي زندگي بابت غلط فھميءَ ۾ مبتلا رھي، جڏھن تھ کيس پنھنجي مڙس جي مبينا سرگرمين جي ڪا ڄاڻ نھ ھئي.مقدمي ۾ مڙس خلاف الزام پيش ڪيا ويا آھن تھ ھن عورت جي مرضي ۽ ڄاڻ کانسواءِ کيس نشي آور دوائون ڏنيون ۽ ٻين ماڻھن کي بھ ان ڏوھھ ۾ شامل ڪيو. انھن الزامن بابت عدالت ۾ ٻڌڻي ۽ ثبوتن جو جائزو جاري آھي.واقعي ھڪ ڀيرو ٻيھر عورتن جي تحفظ، رضامندي ۽ گھريلو تشدد خلاف قانوني قدمن جي اھميت کي اجاگر ڪيو آھي. عدالتي فيصلي کان اڳ مڙس خلاف الزامن کي ثابت ٿيل حقيقت قرار نٿو ڏئي سگھجي.