ايراني پاسدارانِ انقلاب جي جنرل اسماعيل قاآني دعويٰ ڪئي آھي تھ آبنائي ھرمز ۽ باب المندب جي علائقن ۾ آمريڪا کي ھڪ مضبوط ۽ متحد محاذ جو مقابلو آھي. سندس چوڻ موجب، مزاحمتي محاذ ھاڻي ھڪ گڏيل قوت جي صورت اختيار ڪري چڪو آھي، جيڪو عالمي سطح تي آمريڪي اثر رسوخ کي چئلينج ڪري رھيو آھي.قاآني جو اھو بيان اھڙي وقت سامھون آيو آھي، جڏھن خطي ۾ آمريڪا جي ڪردار ۽ اثر رسوخ بابت بحث جاري آھي. ھن دعويٰ ڪئي تھ مزاحمتي محاذ جي طاقت ۽ دائري ۾ واڌارو ٿي رھيو آھي، جيڪو علائقائي صورتحال تي اثرانداز ٿي سگھي ٿو.جنرل اسماعيل قاآني موجب، آمريڪا جي 250 سالن کان قائم ساک کي ھاڻي چئلينجن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي، جڏھن تھ سندس سامھون ھڪ مضبوط ۽ متحد محاذ موجود آھي.ھن آمريڪي پاليسين ۾ تبديليءَ تي زور ڏيندي چيو تھ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ نئين حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ضروري آھي.