اليڪٽرونيڪ سيلز ٽيڪس انوائس

اليڪٽرانڪ سيلز ٽيڪس انوائس ۾ ترميم لاءِ نئون اختيار متعارف

وفاقي بورڊ آف روينيو ايف بي آر اليڪٽرانڪ سيلز ٽيڪس انوائس ۾ 72 ڪلاڪن کانپوءِ بھ ترميم ڪرڻ جي سھولت فراھم ڪري ڇڏي آھي، جنھن لاءِ لاڳاپيل ڪمشنر ان لينڊ روينيو CIR)جي منظوري لازمي ھوندي. اھا سھولت ايف بي آر طرفان IRIS سسٽم ۾ شامل ڪئي وئي آھي، جنھن جو ذڪر پاڪستان روينيو آٽوميشن پرائيويٽ لميٽيڊ جي جاري ڪيل صارف گائيڊ ۾ پڻ ڪيو ويو آھي.ھن نئين سھولت تحت ٽيڪس ڏيندڙ پنھنجي اليڪٽرانڪ انوائس ۾ موجود غلطين کي درست يا انوائس منسوخ ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏئي سگھندا. ان کان اڳ انوائس ۾ ترميم يا منسوخي لاءِ 72 ڪلاڪن جي مھلت مقرر ھئي، جنھن سبب ڪيترن ئي ٽيڪس ڏيندڙن کي ڏکيائي پيش ايندي ھئي.نئين نظام تحت 72 ڪلاڪن کانپوءِ بھ ترميم ممڪن ھوندي، پر ان لاءِ لاڳاپيل ڪمشنر جي منظوري حاصل ڪرڻي پوندي. ان قدم سان ڪاروباري ادارن کي وڌيڪ سھولت ۽ لچڪ ملڻ جي اميد آھي.ايف بي آر جي ھن فيصلي جو مقصد ٽيڪس نظام ۾ درستگي ۽ شفافيت کي بھتر بڻائڻ سان گڏ ٽيڪس ڏيندڙن لاءِ ڪاروباري عمل آسان ڪرڻ آھي. ان سھولت سان اليڪٽرانڪ سيلز ٽيڪس انوائسز جي استعمال کي پڻ ھٿي ملڻ جي اميد ظاھر ڪئي پئي وڃي.