سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ )پنو عاقل جي ڳوٺ سالحاڻي جي رهواسڻ مسمات صابرا بروهي ۽ نعمان احمد قاضي سان پسند جي شادي واري معاملي تان ناري جي مائٽن نوجوان نعمان قاضي جي گهر مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪرڻ بعد گهر ڊاهي سونازيور ۽ ٻيو سامان کڻي ويا ان ڏس ۾ نعمان قاضي سکر ۾ احتجاج ڪندي ٻڌايو آھي ته اڄ صبح جو سندس گهر واري صابرا بروهي جي مائٽ جوابدارن قمردين بروهي۔نظام دين۔امام دين۔اسلام دين۔گلاب دين۔رمضا اعظم۔سعيد۔وحيد۔تاج محمد سميت ويھ کان وڌيڪ ماڻهن هٿيارن سان گهرمٿان حملو ڪري مهنجي گهروارن تي فائرنگ ڪئي جنهن بعد گهر ڊاهي سونا زيور ۽ ٻيو ٻن ڪروڙن جو قيمتي سامان کڻي ويا آھن ويندي ويندي اسان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون آھن ڌمڪين سبب اسان جي حياتن کي جوابدارن مان خطرو آھي هنن جيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين اختيارن کي انصاف ۽ تحفظ ڏيارڻ جي اپيل ڪئي آھي۔واضح رهي ته جوڙي 19 ڊسمبر 2022 تي ڪراچي جي ڪورٽ ۾ پسند جي شادي ڪئي ھئي جنهن بعد ڇوڪري جا گھر وارا قمر الدين، امام الدين، نظام الدين ۽ ٻين مبينه گهر تي قبضو ڪري نعمان قاضي خلاف ڇوڪري کي اغوا ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو هو۔