اسلام آباد: پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) موبائيل فون نيٽ ورڪ ۽ انٽرنيٽ سروس ۾ بار بار خلل منهن ڏيندڙ واهپيدارن جي سهولت لاءِ شڪايتون داخل ڪرائڻ جو واضح ۽ اثرائتو طريقو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اٿارٽي واضح ڪيو ته صارفين هاڻي پنهنجي لاڳاپيل سروس فراهم ڪندڙ ڪمپني ڪان پوءِ سڌو سنئون پي ٽي اي جي مقرر هيلپ لائينز ۽ آن لائن شڪايتي پورٽل ذريعي مسئلو اٿاري تڪڙو ازالو حاصل ڪري سگهن ٿا.
شڪايت لاءِ ضروري تفصيل
- سروس فراهم ڪندڙ موبائيل ڪمپني جو نالو ۽ متاثر علائقي جي نشاندهي
- سگنل ڪمزوري، ڪال ڊراپ يا انٽرنيٽ رفتار گهٽ هجڻ بابت مڪمل تفصيل
- مستند موبائيل ايپس ذريعي نيٽ ورڪ اسپيڊ ۽ ڪوالٽي جانچي رپورٽ گڏ رڪڻ جي هدايت
پي ٽي اي موجب واهپيدارن ڪي معياري ۽ بنا رنڊڪ ٽيلي ڪام سروسز فراهم ڪرڻ لاءِ ملڪ گير مانيٽرنگ جاري آهي.