پاڪستان ريلوي جي مال گاڏي ۽ فريٽ ڪوريڊور آپريشن جو منظر

پاڪستان ريلوي پاران جنوري 2027ع تائين 14 مال گاڏيون هلائڻ جو فيصلو

لاهور: واپاري برادري جي وڌندڙ گهرج پوري ڪرڻ ۽ قومي لاجسٽڪس نظام مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستان ريلوي جنوري 2027ع تائين 14 مال گاڏيون هلائڻ جو وڏو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ريلوي هيڊڪوارٽرز ۾ وفاقي وزير ريلوي محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مختلف تجارتي رستن تي 14 فريٽ ٽرينون هلايون وينديون، جنهن سان ريلوي جي آمدني ۽ مال پهچائڻ جي رفتار ۾ اضافو ٿيندو.

منصوبي جا اهم مقصد

  • ملڪ اندر تجارتي سامان جي محفوظ، سستي ۽ تيز تر رسد يقيني بڻائڻ
  • فريٽ آپريشنز جي نگراني ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال
  • واپاري حلقن ڪي سڙڪن جي ڀيٽ ۾ پائيدار ريلوي متبادل فراهم ڪرڻ

تجارتي تنظيمن هن فيصلي جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ريلوي فريٽ بحالي سان ملڪي معيشت تي هاڪاري اثر پوندا.