ماسڪو: روسي صدر ولاديمير پيوٽن يورپي يونين ۽ يورپي ملڪن تي تنقيد ڪندي افسوس ظاهر ڪيو آهي ته يوڪرين تڪرار جي حل ۽ يورپ جي مستقبل جي سلامتي نظام بابت ڳالهين لاءِ اڃا تائين يورپ پنهنجو نمائندو نامزد ناهي ڪيو.
روسي صدر خبردار ڪيو ته اهڙي خاموشي ۽ بي رخي عالمي سلامتيءَ لاءِ رنڊڪون پيدا ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته يورپ جي پرامن مستقبل لاءِ جامع ڳالهيون وقت جي اهم گهرج آهن.
روسي موقف جا مڪيه نڪتا
- هڪ طرفا فيصلا ڪرڻ بدران سمورن لاڳاپيل ڌرين ڪي مذاڪرات ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو
- يورپي سيڪيورٽي فريم ورڪ لاءِ فوري طور بااختيار نمائندو مقرر ڪرڻ جي تجويز
- امن بحالي لاءِ عالمي برادري جي گڏيل سفارتي ڪوششن تي زور
ٻئي پاسي ڪجهه يورپي ملڪن روسي تنقيد ڪي رد ڪندي ڳالهين لاءِ تياري ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته يورپي سطح تي وڌيڪ صلاح مشورا پڻ جاري آهن.