سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ)تعلقي پنوعاقل جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين پنوعاقل کان سکر نيشنل پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن الهڏنو، ڪريم بخش، محمد علي، محمد ابراهيم ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪچي واري علائقي سومرا پنهواري ۾ گذريل ڏهن سالن کان پل جو ڪم اڌ ۾ پيل آهي، پل نه هجڻ ڪري سوين ڳوٺن جا ماڻهو ٻيڙن ذريعي دريائي لنگھ تان گذري شهر طرف وڃڻ تي مجبور آهن، پل مڪمل نه ٿيڻ سبب ماڻهو ٻيڙين ۾ سفر ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري ڪيترائي ڀيرا ٻيڙين ۾ سفر ڪندي حادثا به ٿيا آهن، اهڙن حادثن ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن، هنن وڌيڪ چيو ته بيمارن ماڻهن کي به ٻيڙين تي درياءَ پار ڪرڻو پئي ٿو، پل جي سهولت نه هجڻ سبب 250 سو ڳوٺن جا ماڻهو سخت پريشان آهن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، مظاهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پل جو ڪم مڪمل ڪري پريشان ٿيڻ کان بچايو وڃي.