اسلام آباد: وفاقي آئيني عدالت سرڪاري ڪاتن ۾ ڀرتين بابت هڪ اهم فيصلو جاري ڪندي 6 بنيادي قانوني اصول واضح ڪري ڇڏيا آهن، جن جو مقصد ملازمت جي عمل ۾ انصاف ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ آهي.
عدالت قرار ڏنو ته صرف ايف آءِ آر درج هئڻ جي صورت ۾ ڪنهن به اميدوار ڪي سرڪاري نوڪريءَ ڪان محروم نٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته ڀرتين دوران ڪنهن به سياسي مداخلت ڪي برداشت نه ڪيو ويندو.
عدالتي فيصلي جا مڪيه نڪتا
- اميدوارن جي علمي قابليت، ميرٽ ۽ عملي تجربي ڪي بنيادي معيار رڪڻ لازمي قرار
- سمورن اميدوارن ڪي برابر موقعا ڏيڻ لاءِ شفاف ڀرتي نظام اپنائڻ جو حڪم
- قانوني تحفظ سان سرڪاري ادارن تي عوامي اعتماد وڌڻ جو امڪان
قانوني حلقن عدالتي اصولن ڪي سرڪاري ملازمتن ۾ ناانصافي روڪڻ طرف هڪ مثالي اڳڀرائي قرار ڏنو آهي.