سنڌ ورچوئل اسٽيم اسڪول ۾ جديد سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي تعليم جو منظر

سنڌ ورچوئل اسٽيم اسڪول ۾ نجي اسڪولن جي باصلاحيت شاگردن لاءِ داخلائن جو آغاز

ڪراچي: سنڌ حڪومت جديد سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي تعليم ڪي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي ‘سنڌ ورچوئل اسٽيم اسڪول’ پروگرام جو دائرو وسيع ڪندي هاڻي نجي اسڪولن جي باصلاحيت شاگردن لاءِ پڻ داخلائون ڪولي ڇڏيون آهن.

ڊائريڪٽوريٽ آف انسپيڪشن اينڊ رجسٽريشن آف پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز سنڌ پاران ڪراچي سميت سمورن ريجنز ڏانهن جاري سرڪيولر ۾ اسڪول پرنسپالن ڪي اهل شاگردن جي رجسٽريشن ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پروگرام جا تعليمي فائدا

  • سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي (STEM) ۾ عالمي معيار جي جديد تدريس
  • قابل شاگردن جي صلاحيتن جي پرڪ ذريعي سائنسي تحقيق طرف رهنمائي
  • صوبي جي سمورن ضلعن ۾ نون سائنسدانن ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن جي تياري

تعليمي ماهرن ان قدم ڪي سنڌ اندر جديد ڊجيٽل ۽ سائنسي تعليم جي فروغ لاءِ انقلابي اڳڀرائي قرار ڏنو آهي.