اسلام آباد (بيورو رپورٽ): وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلي (ڪلائميٽ چينج) هاڻي هڪ پري جو خطرو نه پر سامهون موجود حقيقت آهي، جيڪا اسان جي معيشت، زراعت ۽ عوام جي روزاني زندگيءَ تي شديد اثر وجهي رهي آهي، ان ڪري قومي سطح تي فوري، گڏيل ۽ عملي قدم ڪڻڻ وقت جي اهم ترين ضرورت آهن.
اسلام آباد ۾ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته تازن سالن دوران سڄي ملڪ ۾ ٻوڏن، بي وقتي برساتن، ۽ سخت گرمي جي لهرن سبب وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته حڪومت شمسي توانائي (سولر سسٽم)، بايو فيول، پاڻي جي محفوظ ذخيرن ۽ گرين توانائي جي ترقيءَ لاءِ هڙئي وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي.
شهباز شريف وڌيڪ زور ڀريو ته عالمي ادارن ڪي ڪاربن گهٽائڻ وارن ملڪن لاءِ ڪلائميٽ فنانسنگ جون گرانٽس فوري جاري ڪرڻ گهرجن ته جيئن غريب ۽ ترقي پذير قومون ماحولياتي تباهيءَ ڪان بچي سگهن.