اسلام آباد / رياض (نيوز رپورٽر): پاڪستان حڪومت سعودي عرب سان پنهنجي ديرين ڀائيچاري ۽ دفاعي تعاون جي تجديد ڪندي چيو آهي ته برادر ملڪ سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ استحڪام بابت اسلام آباد جو عزم هر قسم جي سمجهوتن ڪان مٿانهون آهي.
پرڏيهي دفتر جي ترجمان پاران جاري تفصيلي پڌرنامي ۾ ڄاڻايو ويو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ سيڪيورٽي رابطا، دهشتگردي خلاف گڏيل آپريشنز ۽ دفاعي مشقون مسلسل جاري آهن. پاڪستان علائقائي امن ڪي خطري ۾ وجهندڙ هر جارحيت خلاف سعودي قيادت سان گڏ بيٺل آهي.
سعودي عرب پاڪستان جي معاشي بحالي ۽ خاص طور تي توانائي، آئل ريفائنري ۽ ترقياتي اسڪيمن ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ لاءِ پرعزم آهي، جنهن سان ٻطرفا لاڳاپا هڪ نئين مالي دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن.