آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي ايندڙ پنجن سالن ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ وڏي انقلاب جو امڪان: عالمي رپورٽ

آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي ايندڙ پنجن سالن ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ وڏي انقلاب جو امڪان: عالمي رپورٽ

ڪيليفورنيا (ADN سنڌي): عالمي ٽيڪنالاجي ماهرن پنهنجي نئين تجزياتي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو آهي ته مصنوعي ذهانت (آرٽيفيشل انٽيليجنس) جي تيز ترين ترقي سبب ايندڙ پنجن سالن اندر مختلف شعبن ۾ وڏيون تبديليون اينديون. رپورٽ موجب روبوٽڪس ۽ جديد اي آءِ الگورٿمز ذريعي صحت، تعليم ۽ صنعتي شعبن ۾ انسانن جي ڪم جو طريقو بدلجي ويندو، جڏهن ته آءِ ٽي ماهرن تي زور ڏنو ويو آهي ته هو جديد ٽيڪنالاجي جي نون اوزارن جي سکيا حاصل ڪن ته جيئن مستقبل جي ڊجيٽل معيشت مان مڪمل فائدو حاصل ڪري سگهجي.