اسلام آباد (ADN سنڌي): ملڪي بينڪاري نظام ۾ اسلامي مالياتي اصولن ۽ ڊجيٽل ادائيگين جي واڌاري بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بينڪن پاران عوام کي سود کان پاڪ ۽ محفوظ سرمائيداري جا موقعا فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. ماهرن موجب هن قدم سان ننڍي ڪاروبار ڪندڙن ۽ واپارين کي وڏو فائدو پهچندو.