پاڪستان پاران شنگھائي تعاون تنظيم (SCO) ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ وفاقي وزير کي نئين دهلي موڪلڻ جي تصديق

اسلام آباد (ADN سنڌي): پرڏيهي وزارت پاران باضابطه پڌرائي جاري ڪندي تصديق ڪئي وئي آهي ته شنگھائي تعاون تنظيم (SCO) جي سولائيزيشنل ڊائلاگ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ کي نئين دهلي روانو ڪيو ويندو. ترجمان موجب هي ڪانفرنس خطي اندر مفاهمت ۽ ترقياتي معاملن تي ڳالهين جو اهم موقعو فراهم ڪندي.