ڪراچي (ADN سنڌي): اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (SBP) پنهنجي سالياني اقتصادي رپورٽ ۾ واضح ڪيو آهي ته هلندڙ مالي سڌارن، مقامي مارڪيٽ ۾ طلب جي بحالي ۽ زرعي توڙي صنعتي شعبي جي مضبوط ڪارڪردگي سبب ملڪي معاشي ترقي جي شرح (GDP Growth) مالي سال 2026-27 تائين 3.5 سيڪڙو کان 4.5 سيڪڙو تائين پهچڻ جو واضح امڪان آهي.
مرڪزي بئنڪ جي جاري ڪيل رپورٽ موجب مالي سال 2027ع ۾ پاڪستان جي قومي معيشت پائيدار سڌاري طرف گامزن رهندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ مانيٽري پاليسي کي متوازن رکڻ ۽ سيڙپڪارن لاءِ آسان سهولتون فراهم ڪرڻ وارا حڪومتي قدم اهم ثابت ٿي رهيا آهن.
اسٽيٽ بئنڪ وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ عالمي معيشت اندر اڻ تڻ ۽ مهانگائي جا دٻاءُ موجود آهن، پر پاڪستان اندر زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ وڏي صنعتي پيداوار (LSM) ۾ ٿيندڙ بهتري ملڪي معيشت کي مضبوط ۽ پختو ڪندي، جنهن سان روزگار ۽ نئين ڪاروباري سرگرمين کي وڏو هٿي ملندي.