پاڪستان پاران اي سي او (ECO) جي صدارت سنڀالڻ جو اعلان: وزيراعظم پاران ڪراچي ۽ گوادر بندرگاهن ذريعي علائقائي واپار وڌائڻ جو عزم

پاڪستان پاران اي سي او (ECO) جي صدارت سنڀالڻ جو اعلان: وزيراعظم پاران ڪراچي ۽ گوادر بندرگاهن ذريعي علائقائي واپار وڌائڻ جو عزم

اسلام آباد (ADN سنڌي): اسلام آباد ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (ECO) جي ڪائونسل اجلاس پڄاڻي تي پهچڻ بعد پاڪستان باضابطه طور سال 2026-2027ع لاءِ اي سي او جي چيئرمين شپ سنڀالي ورتي آهي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان خطي جي 10 ميمبر ملڪن کي ڪراچي، پورٽ قاسم ۽ گوادر بندرگاهن ذريعي وچ ايشيا تائين سڌو واپاري رستو فراهم ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪندو، جنهن سان اربين ڊالرن جو واپار ممڪن بڻجندو.