اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته جڏهن ججز اسان جي حدن ۾ داخل ٿيندا ته اسان به سوال اٿارينداسين. قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان تي خيالن جو اظهار ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته سپريم ڪورٽ طرفان سوموٽو ڪيس بابت ڪجهه سوال اٿاريا ويا آهن جنهن جا ناڪاري اثر موجوده حالتن سان گڏ مستقبل تي به پئجي سگهن ٿا. سموري سپريم ڪورٽ ويهي هن مسئلي جو حل ڳولي. مختلف ڌرين کان پڇي اهڙو حل ڏنو وڃي جيڪو ايندڙ وقت ۾ آب حيات هجي.خواجه آصف چيو ته نوازشريف جي حڪومت ختم ڪري زيادتي ڪئي وئي. مان پنهنجون حدون ڪراس نٿو ڪرڻ چاهيان مان تنقيد به نٿو ڪرڻ چاهيان، سٺي ڳالهه اها آهي ته 9 رڪني بينچ بنايو ويو آهي اهو فيصلو 9 ججز جو نه پر فل ڪورٽ کي ٻڌڻ گهرجي. سموري عدالت ڌرين کي ٻڌي فيصلو ڪري پوري قوم عدالتي فيصلن سان متاثر ٿيندي آهي.خواجه آصف چيو ته مان پڇڻ چاهيان ٿو ته هڪ شڪايت رهندي آهي ته پارليامينٽريز ججز جو نالو وٺي تنقيد ڪندا رهندا آهن، ڪجهه ججز تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته ڪجهه ججز تي تنقيد نٿي ڪئي وڃي. جسٽس ثاقب ۽ جسٽس کوسه تي تنقيد ٿئي ٿي ته جسٽس ناصرالملڪ تي ڇو نه پئي ٿي. اهو سوال عدليه جي لاءِ آهي ته آخر ائين ڇو ٿو ٿئي؟ جڏهن ججز اسان جي حدن ۾ داخل ٿيندا ته اسان به سوال اٿارينداسين.هن وڌيڪ چيو ته هڪ سوال اهو به اٿاريو ويو آهي ته ٻن اسيمبلين کي ٽوڙڻ صحيح آهي يا نه؟ آئين کي ري رائٽ ڪرڻ عدليه جو ڪم نه هوندو آهي؟ جهڙي طرح آرٽيڪل 63 کي ري رائٽ ڪيو ويو آهي هي سڀ ان جا اثر آهن.