عراق ۾ سيڪيورٽي سڌارا: شهري مرڪزن مان فوج جي انخلاء ۽ پوليس کي اختيار سونپڻ جو فيصلو

عراق ۾ سيڪيورٽي سڌارا: شهري مرڪزن مان فوج جي انخلاء ۽ پوليس کي اختيار سونپڻ جو فيصلو

بغداد (بين الاقوامي مانيٽرنگ): عراق جي وزيراعظم ۽ اعليٰ دفاعي ڪائونسل وڏي پيماني تي سيڪيورٽي منصوبي تحت ملڪ جي وڏن شهرن مان فوجي دستن کي بئريڪن ڏانهن واپس موڪلڻ ۽ شهرن جو ڪنٽرول سول پوليس حوالي ڪرڻ جو حتمي حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

عراقي گهرو وزارت جي پڌرائي موجب، گذريل سالن اندر امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ بعد شهري زندگي کي معمول تي آڻڻ ۽ سول ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هي فيصلو ڪيو ويو آهي. راڄڌاني بغداد سميت ٻين وڏن شهرن مان چيڪ پوسٽون هٽايون وينديون.

شهري تنظيمن ۽ عوام پاران فوج جي انخلاء واري فيصلي جو آڌرڀاءُ ڪيو ويو آهي، جنهن سان روزاني ٽريفڪ ۽ ڪاروبار ۾ بهتري ايندي.