ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ حڪومت صوبي جي شاگردن ۽ نوڪرين جي اميدوارن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ نادرا جي سهڪار سان ڊوميسائل ۽ پي آر سي (PRC) سسٽم کي مڪمل ڊجيٽل ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.
سنڌ ڪابينا جي خصوصي اجلاس دوران چيو ويو ته ماضي ۾ روينيو کاتي جي دير سبب نوجوانن کي ڊوميسائل حاصل ڪرڻ ۾ وڏي ڏکيائي ٿيندي هئي، پر هاڻي نادرا ڊيٽابيس ذريعي هڪ ئي ڪلڪ تي بنا رشوت ۽ دير جي ڪمپيوٽرائيزڊ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويندا.
شاگرد تنظيمن ۽ سول سوسائٽي هن حڪومتي قدم کي ساراهيندي چيو آهي ته ڊجيٽلائيزيشن سان جعلي ڊوميسائلن جي روڪٿام ممڪن ٿيندي.