عمران خان ڪنهن کي به پارٽي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ايتري ڪوشش نه ڪئي جيتري منهنجي لاءِ ڪئي: چوڌري نثار

راولپنڊي: اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته عمران خان ڪنهن کي به پارٽِي ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ ايتري ڪوشش ناهي ڪئي جيتري منهنجي لاءِ ڪئي.راولپنڊي جي علائقي چاڪره ۾ چوڌري نثار علي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان نعرا گهڻا لڳائيندا آهيون پر عمل ناهيون ڪندا ملڪ انتهائي نازڪ موڙ تي آهي ۽ اسان هڪ ٻئي جا گريبان جهلي رهيا آهيون. سياست ۾ گاريون ڏيڻ عام ٿي وئي آهي.هن چيو ته اڄ اسان تباهي جي ويجهو پهچي چڪا آهيون. مان عوام ۽ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو رهيو آهيان ماڻهو پڇندا آهن ته ڪنهن به پارٽي ۾ شامل ڇو نه پيا ٿيو؟ جنهن تي مان کين چوندو آهيان ته مان گارين جو حصو نٿو بنجڻ چاهيان.چوڌري نثار چيو ته عمران خان منهنجو 50 سالن کان دوست آهي. عمران خان اڄ به منهنجو دوست آهي. عمران ڪنهن کي به پارٽي ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ آيتري ڪوشش ناهي جيتري منهنجي لاءِ ڪئي.اڳوڻي گهرو وزير چيو ته مان ميدان ۾ اچي چڪو آهيان، عزت عهدن سان ناهي ملندي، مون کي غريب ۽ مزدورن جي مدد جي ضرورت آهي. چونڊون اڄ ٿين يا سڀاڻي مان هاڻ ميدان ۾ آهيان. مون صرف ايم جي اين جي طور تي خدمت ناهي ڪئي پر ڪائونسلر طور به عوام جي خدمت ڪئي. منهنجي مقابلي ۾ اهي ماڻهو آهن جن ڪک ڀڄي ٻيڻو ناهي ڪيو.هن چيو ته مون کي عمران خان چوندو هو ته اوهان جي شموليت نه ڪرڻ سبب منهنجو هنن ماڻهن سان گذارو آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو اڄ عمران خان جو جهنڊو کڻي گهمي رهيا آهن اهي پهريان بينظير جو نعرو لڳائيندا هئا. بعد ۾ اهي مشرف سان گڏ ٿي ويا ۽ هاڻ عمران خان سان گڏ آهن. هنن کي پيٽروليم جي وزارت جو شوق هو مون وڏن وڏن عهدن کان انڪار ڪيو آهي.چوڌري نثار چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ ڇا ٿيو ان جو سبب ٻيو ڪجهه هو اهو پوءِ ٻڌائيندس. چاهيان ٿو چونڊن کان پوءِ ڪنهن پارٽي ۾ عزت سان وڃان. وزير ته مان جنرل ضياء، جوڻيجو ۽ غلام اسحاق خان جو به هئس. عمران خان مون سان دوستي نڀائي آهي ۽ اڃان تائين نڀائي رهي آهي.