حيدرآباد: پاڪستان ۾ جرمني جي سفير الفريد گرينس، ڪراچي قونصلخاني جو پنهنجي وفد فرسٽ سيڪريٽري پوليڪٽيڪل سيڪشن جوليا ويرينا ڪلين، ۽ ڪراچي قونصليٽ جنرل ايندرياس ويگنر سان گڏ سافڪو هيڊ آفيس جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سافڪو جي باني ۽ سربراهه سليمان جي ابڙو معزز مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ کين سافڪو جي خدمتن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته سافڪو 1986ع ۾ قائم ٿي 1992ع ۾ سي اِي ڊي پروگرام شروع ٿيو ۽ 2016ع ۾ سافڪو سپورٽ فائونڊيشن قائم ڪري غير بئنڪاري خدمتون فراهم ڪرڻ شروع ڪيون، جڏهن ته 2022ع ۾ سافڪو مائيڪرو فنانس ڪمپني جو قيام عمل ۾ آڻي بئنڪاري سهولتن کان محروم ماڻهن کي مالي سهڪار فراهم ڪيو پيو وڃي ته جيئن انهن کي ترقيءَ جي ڌارا ۾ شامل ڪري سگھجي.سليمان جي ابڙو جرمن سفير کي جرمني طرفان پاڪستان جي حڪومت ۽ سافڪو سان هلندڙ سهڪار بابت ٻڌايو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته جرمني سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ ماڻهن جي حالت زار کي بهتر بنائڻ ۽ انهن کي ترقيءَ جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سماجي ۽ معاشي پروگرامن ۾ پنهنجي سهڪار کي وڌائيندو.ان موقعي تي جرمن سفير الفريد گرينس سافڪو جي سماجي خدمتن جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته سنڌ ۾ سماجي خدمتن خاص ڪري پٺتي پيل علائقن جي عورتن کي معاشي طور پيرن تي بيهارڻ ۾ سافڪو جو ڪردار انتهائي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته جيستائين عورتون معاشي طور پاڻڀريون نه ٿينديون تيستائين اهي برابريءَ واري حيثيت حاصل نه ڪري سگھنديون. جرمن سفير چيو ته هو ڪوش وٺندو ته جرمن حڪومت تعليم، صحت ۽ زراعت وارن شعبن ۾ پنهنجي سهڪار کي اڃان به وسيع ڪري خاص ڪري ماحوليات، عورتن ۽ ٻارن جي ڀلائيءَ اورن پروگرامن ۾ سندن گھري دلچسپي آهي.ان کان اڳ سافڪو مائيڪرو فنانس ڪمپني جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه وفد کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسان 13 ضلعن ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون، جتي هن وقت تائين 8 لک ماڻهن کي 27.8 ارب روپين جون مالي خدمتون فراهم ڪري چڪا آهيون، جن ۾ 60 سيڪڙو عورتون شامل آهن.ان موقعي تي سنڌ ايگريڪلچرل اينڊ فاريسٽري ورڪرس ڪوآرڊينيٽنگ آرگنائزيشن ۽ سافڪو سپورٽ فائونڊيشن ۽ سافڪو مائيڪرو فنانس ڪمپني جي اعليٰ عهديدارن الطاف نظاماڻي، رميز اقبال، اقرا رياض، ناديه لاڙڪ، ماريه راڄپر، مصطفيٰ راڄپر، سعديه شيخ ۽ ٻين سماجي، معاشي ڀلائي، صنفي برابري ۽ غربت گھٽائڻ بابت حاصل ٿيل ڪاميابين ۽ مستقبل جي رٿائن بابت ٻڌايو. آخر ۾ معزز مهمانن کي اجرڪ، لونگي جا تحفا ۽ گلدستا پيش ڪيا ويا.