هڪ هفتي ۾ مهانگائي ۾ 2.78 سيڪڙو واڌ

ڪراچي: ملڪ مهانگائي جو طوفان جاري آهي، کاڌ خوراڪ جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، شماريات کاتي موجب هلندڙ هفتي به مهانگائي ۾ واڌ ٿي آهي.شماريات کاتي هفتي وار مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن.رپورٽ موجب هڪ هفتي ۾ مهانگائي ۾ 2.78 سيڪڙو وڌا ٿي آهي، جنهن کانپوءِ مهانگائي جي مجموعي شرح 41.54 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.شماريات کاتي جي نئين رپورٽ تحت هڪ هفتي ۾ رڪارڊ 33 کاڌ خوراڪ جون شيون مهانگيون ٿيون آهن، جڏهن ته 6 شين جي اگهن ۾ گهتتائي ۽ 12 شين جا اگهه برقرار رهيا آهن.