ڪراچي: ملڪ ڊالر کانپوءِ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جو في تولو هڪ هزار رپين جي گهٽتائي کانپوءِ هڪ لک 95 هزار 100 رپين جو ٿي ويو آهي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 857 رپيا گهٽجڻ بعد هڪ لک 67 هزار 267 رپيا ٿي وئي آهي.هوڏانهن عالمي بازار ۾ سون 8 ڊالر سستون ٿيڻ کانپوءِ في اونس 1818 ڊالر جو ٿي ويو آهي.