لاهور: پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد الزام هنيو آهي ته راڻا ثناءُالله عمران خان کي قتل ڪرائڻ چاهي ٿو.لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ياسمين راشد چيو ته عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي جاچ صحيح نه پئي ٿئي. ڇو ته شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُالله جاچ نه پيا ڪرڻ ڏين. قاتلاڻي حملي جي شاهدين کي ضايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.ياسمين راشد الزام هنيو آهي ته عمران خان تي حملي ۾ وفاقي ۽ نگران حڪومت ملوث آهي، پنجاب جي نگران حڪومت مسلم ليگ(ن) جي گهر جي باندي بڻيل آهي. سڀني کان مشهور اڳواڻ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ راڻا ثناءُالله عمران خان کي قتل ڪرائڻ چاهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جي نئين جي آءِ ٽي تي اسان کي اعتراض آهي. صوبائي حڪومت جي آءِ ٽي ٺاهي ته وفاقي حڪومت ڇو مداخلت ڪئي. نئين جي آءِ ٽي ۾ چار آفيسر آهن جنهن ثبوت ضايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته مريم نواز ٻيهر عدليه جي پٺيان پيل آهي هن بي بي جي تربيت ئي غلطي ٿي آهي.