سکر(بيورورپورٽ)سکر جي دارلامان مان عورت جي فرار۾ ٻن پناھ ورتل عوتن جا نالا ايف آء آر ۾ شامل ڪرڻ

سکر جي دارلامان مان عورت جي فرار۾ ٻن پناھ ورتل عوتن جا نالا ايف آء آر ۾ شامل ڪرڻ واري عمل خلاف سماجي تنظيم اسٽيپ فائونڊيشن پاران چيئر پرسن ميڊم شاعستا کوسو جي اڳواڻي ۾ دارلامان سکر جي مين گيٽ ٻاهران مسمات راڻي اعواڻ۔ولي محمد۔اشفاق احمد۔مشتاق گهانگهرو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهري ۾ شامل عورتن ۽ مردن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئاجن مٿان انصاف ڏنو جا مطالبا لکيل هئا ان موقعي تي اسٽيپ فائونڊيشن چيئر پرسن ميڊم شاعستا کوسو چيو ته سکر جي دارلامان ۾ پناھ ورتل عورتن مٿان ظلم ٿي رهيو آھي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انچارج دارلامان مدثرا جواب ڏئي ته دارلامان ۾ عورتن کي پناھ ڏيڻ جي ذميوار ڪير آھي مظلوم عورتون دارلامان ۾ پناھ وٺڻ لاء اچن ٿيون پر هٿي به غير محفوظ آهن ٻه ڏينهن اڳ سکر جي دارلامان مان مبينه فرار ٿي ويل عورت غلام ظھرا جي فرار واقعي ۾ بلاجواز پناھ ورتل ٻن عورتن صائمه ۽ صفيه جو نالو به ايف آء آر ۾ شامل ڪري متاثر عورتن سان وڏي ناانصافي ڪئي وئي آھي۔شاعسته کوسو جو وڌيڪ چوڻ هو ته دارلالمان سکر جو هيڊ ڊپٽي ڪمشنر سکر آھي جڏهن ته وومين ڊويلپمنٽ به ان مامري خاموش آهي مظاهرين لاڳاپيل اختيارن کان مطالبو ڪيو آھي ته ايس ايس پي سکر کان فرار وقعي شفاف جاچ ڪرائي ڪيس ۾ شامل مظلوم عورتن صفيه ۽ صائمه جا نالا خارج ڪرائي عورتن کي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي۔يادرهي ته دارلامان سکر مان ٻه ڏينهن اڳ رات جي اونداهي ۾ پناھ ورتل عورت غلام ظھرا مبينه فرار ٿي وئي هئي