ڪراچي: ڪراچي ۾ سڀاڻي کان گرمي پد وڌڻ جو امڪان آهي. موسمياتي تجزيه ڪار جواد ميمڻ موجب مغربي هوائن جو سسٽم سڀاڻي ملڪ جي مٿانهين حصي تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو جنهن سبب شهر ۾ اوڀر، اتر ۽ مغرب کان هوائون هلي سگهن ٿيون.موسمياتي تجزيه ڪار ٻڌايو ته سڀاڻي کان ڪراچي ۾ ڏينهن جو گرمي پد وڌڻ جو امڪان آهي جيڪو 32 کان 34 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو پر شام جو سامونڊي هوائون هلڻ سان رات جو موسم بهتر ٿيڻ جو امڪان آهي. رات جو گرمي پد 18 کان 20 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.جواد ميمڻ موجب هلندڙ سال فيبروري کان ئي معمول کان وڌيڪ گرمي پد رهڻ سخت گرمي پوڻ جي نشاندهي ڪري رهيو آهي.