سکر: ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ سبب 4 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن.باگڙجي واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڌنارن سميت 4 ڄڻا قتل ٿي ويا. مارجي ويلن ۾ ڪوئيٽا واسي مهمان پڻ شامل آهي. پوليس موجب فائرنگ دوران 3 ڄڻا ٿڏي تي قتل ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور تي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي طبي امداد دوران زخمي ٿيل به فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ وڌي 4 ٿي ويو.مارجي ويلن ۾ ڪامران گهمرو، ببلو گهمرو، رمضان ۽ ڪوئيٽا مان مهمان ٿي آيل خليل شيخ شامل آهن جن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. پوليس جون واقعي جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ جوابدارن جي ڳولا به شروع ڪئي وئي آهي.