غوثپور شھر ڀرسان مئن انڊس ھا۽ وي تي ڳڙھي لاڙو اسٽاپ واري علائقي ۾ شڪارپور کان را۽ ونڊ ويندڙ تبليغي جماعتين سان ڀريل ڪوچ موٽر سائيڪل سوار کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي۔ ڏھ کان وڌيڪ مسافر زخمي۔ ٻھ فوت۔ وڌيڪ مليل معلومات موجب پنجاب جي علائقي را۽ ونڊ ڏانھن تبليغ لا۽ ويندڙ مسافر ڪوچ غوثپور ڀرسان ڪلٽي ٿي پيئي۔ ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب مسافرن جي دانھن ۽ ڪوڪن تي ڀرپاسي جي ھوٽلن ۾ ويٺل ڳوٺاڻن پھچي گاڏي مان مسافرن کي ڪڍيو۔ ڪيترن ئي زخمي مسافرن کي نجي رڪشه ۽ ڊاٽسنن ۾ چاڙھي غوثپور جي سرڪاري اسپتال ۾ روانو ڪيو۔ ٻئي پاسي غوثپور پوليس به زخمي مسافرن کي پوليس موبائيل ۾ اسپتال روانو ڪيو ۽ ڪرمپور اسپتال مان ايمبولنس کي گھرايو ويو۔ زخمين ۾ اڪثر پٺاڻ برادري سان واسطو رکندڙ ھيا جن جو تعلق ڪوئٽه سان ھيو۔ زخمين ۾ حاجي شھمور جعفري۔ ھارون راجپوت۔ صابر حسين۔ گل خان۔ سراج دين۔ عابد شاھ۔ عبادلقادر۔ جلاب خان محمد عباس۔ عبدالرئوف ۽ ٻيا شامل آھن۔ فوتين ۾ ڪوئٽه واسي ذيشان ۽ ھڪ اڻ سڃاتل شامل آھن۔ زخمين ۾ پنجن جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب کين رحيم يار خان ۽ سکر اسپتالن ڏانھن موڪليو ويو۔ آخري اطلاعن موجب ڪوچ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو ۽ واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو۔۔