بهاوالپور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي چيو آهي ته مان ته شاهه محمود قريشي سان ملڻ ويو هئس پوليس مون کي به گرفتار ڪري ورتو.بهاوالپور ۾ جيل ڀريل تحريڪ دوران گرفتاري ڏيندڙ اعظم سواتي ۽ محمد احمد مدني جو طبي معائنو ڪيو ويو. محمد احمد مدني کي طبي معائني کان پوءِ سينٽرل جيل پهچايو ويو جڏهن ته سينيٽر اعظم سواتي کي چيڪ اپ کان پوءِ ڊسٽرڪٽ جيل رحيم يار خان روانو ڪيو ويو آهي.ان موقعي تي صحافين سان ڳالهين دوران اعظم سواتي چيو ته منهنجو نالو ته جيل ڀريو تحريڪ جي ويٽنگ لسٽ ۾ هو ۽ مان ته شاهه محمود قريشي سان ملڻ آيو هئس پر پوليس مون کي به گرفتار ڪري ورتو.اعظم سواتي چيو ته مون کي غيرقانوني طور تي گرفتار ڪيو ويو منهنجي عمر 76 سال آهي مون جي چڪي واري ڪوٺي ۾ مون کي رکيو پيو وڃي. مون کي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي. انصاف ضرور ٿيندو. عدالتون جلد چونڊن جو حڪم ڏيندي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن اعظم سواتي ٻين اڳواڻن سان گڏ لاهور ۾ ٻين اڳواڻن سان گڏ گرفتاري پيش ڪئي هئي جنهن جون پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا تان تصويرون به جاري ڪيون ويون هيون.