سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو) سکر ۾ مڙس ۽ سهري جي تشدد بعد گاسليٽ هاري سڙي ويل عورت سول اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.25 ورهين جي زينب کي مڙس ۽ سهري پاران تشدد ڪري باهه ڏئي ساڙيو هو. ان ڏس ۾ پوليس جو چوڻ آھي ته زينب کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال سکر داخل ڪيو ويو. جتي زينب هڪ هفتي کان علاج هيٺ هئي، اڄ علاج دوران فوت ٿي وئي آھي پوليس موجب زينب تي تشدد کانپوءِ نئين پنڊ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي هئي
واقعو 19 فبروري تي نيو پنڊ واري علائقي ۾ پيش آيو هو۔ پوليس نيو پنڊ ٿاڻي تي 3 جوابدارن خلاف داخل اين سي ۾ زينب جي مڙس اربيلو گڏاڻي ، مجيد گڏاڻي ۽ عورت زرينا کي نامزد ڪيو ويو آهي.اين سي ۾ نامزد جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن پوليس طرفان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. زينب جي وارثن جي فرياد تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. حد پوليس۔
77