ڪوئٽه: (آچر: 26 فيبروري 2023ع) بلوچستان جي ضلعي بارکان ۾ ڌماڪي سبب 4 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب ڌماڪو بارکان جي علائقي رکني جي بازار ۾ ٿيو جنهن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا. ڌماڪي ۾ 12 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن جن کي طبي امداد جي لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ڌماڪي کان پوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ شاهديون جمع ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب ڌماڪيدار مواد موٽر سائيڪل ۾ لڳل هو، ڌماڪي سبب ڪيترين ئي گاڏين، موٽر سائيڪلن ۽ دڪانن کي به نقصان پهتو آهي.ڌماڪي کان پوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ثبوت گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.