اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجه آصف دعويٰ ڪئي آهي ته هڪ بيورو ڪريٽ جي ڌيءَ جي شادي تي 72 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي سلامي ڏني وئي.2 ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف انڪشاف ڪيو هو ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي پاڻ ٻڌايو هو ته هڪ بيورو ڪريٽ جي ڌيءَ جي شادي تي ويو هئس جتي سندس تڪ جو ماڻهو سلامي گڏ ڪري رهيو هو. پرويز الاهي پاران پڇڻ تي هن ٻڌايو ته 72 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي سلامي ملي آهي ۽ اڃان به اهو سلسلو جاري آهي.خواجه آصف ٻڌايو ته ان بيورو ڪريٽ جي هڪ ٻئي ڌيءَ جي شادي تي هڪ ارب 20 ڪروڙ روپيه سلامي ملي. زيور ۽ گاڏيون ڌار ڏنيون ويون هيون. ساڳيو ئي بيورو ڪريٽ 22-21 گريڊ تي اڄ به نوڪري ڪري رهيو آهي. اڄ تائين ڪنهن به ان بيورو ڪريٽ کان ڪوبه سوال نه ڪيو آهي.دفاع واري وزير اهو به چيو ته گذريل 8 مهينن دوران جيڪو ٿيو اهو تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو. هڪ شخص کي 8 مهينن کان عدالت گهرائي رهي آهي پر هو پيش نه پيو ٿئي. هڪ مهيني ۾ ڇت جو لينر به کلي ويندو آهي پر 3 مهينن کان عمران خان جو پلستر نه پيو کلي. ڪنهن به ان جو سوموٽو ناهي ورتو. ايوان صدر ۾ ويٺل شخص آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. اسان کي ته اهڙي رعايت نه ڏني وئي. اسان چاهيون ٿا ته ڪجهه 22 ڪروڙ عوام وسيلن مان فائدو کڻي. اسان لکين روپيه پگهارون وصول ناهيون ڪندا. اسان هڪ لک 68 هزار روپيه وٺندا آهيون.هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي خرچ تي پارليامينٽ ايندا آهيون جيڪي برداشت نٿا ڪري سگهون. پنڌ ايندا آهيون پر ڪجهه ماڻهن جي لاءِ روڊ بند ٿي ويندا. ڪجهه ماڻهن جو زندگي گذارڻ جو اسٽائيل بادشاهن جهڙو آهي.