قاضي احمد:ايس يو پي جي مرڪزي چيئرمين سيد زين شاھ جي اڳواڻي ۾ نڪتل سنڌ مارچ جي حمايت ۾ تعلقي قاضي احمد جي شھر دولتپورصفن ۾ نئون پرڻيل گهوٽ پنهنجي ڪنوار ۽ ڄڃ سميت دولتپور ۾ ڪورٽ روڊ کان مهانگائي ۽ سنڌ مارچ جي حمايت ۾ يڪجهتي طور احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب چوڪ تي مھانگائي خلاف ۽ سنڌ مارچ جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي وئي .ان موقعي تي ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ مولا بخش ٻرڙو گهوٽ ياسر ٻرڙو ، ڪنوار ڊاڪٽر سحرش ۽ ڄاڃين چيوتہ اسان کي محبوب ليڊر سيد زين شاھ تي فخر آهي جيڪو پيادل پنڌ سنڌ مارچ قافلي سميت مختلف شهرن کان روان دوان آهي، هنن وڌيڪ چيوتہ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ جي اڳواڻي ۾ مھانگائي, ڪرپشن، ڌاري آباد ڪاري، بدامني، سنڌ جي وسيلن تي قبضن، سنڌو درياءَ جو رخ موڙڻ ۽ لاقانونيت خلاف اسان بہ ساڻن گڏ آهيون.حڪمرانن غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، عوام اٽي جي لپ لاء آپگهات تي مجبور آهي پر حڪمرانن کي پرواھ ناهي، غريب عوام جو رت چوسيندڙ ڪرپشن ۾ ملوث حڪمرانن خلاف هي سنڌ مارچ ڪامياب ويندو ۽ سيد زين شاھ جي قافلي ۾ شرڪت ڪري ڪراچي ۾ لکين سنڌ جا حلالي پٽ پنهنجي ٻچڙن سميت شرڪت ڪنداسين ۽ ڪرپٽ حڪمرانن کي منهن توڙ جواب ڏينداسين.