108

صبا قمر سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ مرد به بڻجي سگهان ٿي: زارا نور

لاهور : پاڪستاني اداڪاره زارا نور عباس شوبز جي مشهور اداڪار صبا قمر جي لاءِ پسنديدگي جو اطهار ڪندي ان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اطهار ڪيو آهي ازو ئي زارا نور عباس خانگي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ مهمان بڻجي جنهن ۾ هن پنهنجي زندگي سميت ڪيريئر جي حوالي سان دلچسپ ڳالهيون ڪيون زارا کان سوال ڪيو ويو ته اوهان جو مڙس اسد صديقي ۽ اوهان ٻئي اداڪار آهيو ڇا ڪڏهن ڪنهن پراجيڪٽ جي لاءِ اوهان ٻنهي وچ ۾ ڪي اختلاف ٿيا آهن جواب ۾ اداڪار چيو ته ها! ڪجهه ڏينهن اڳ اسد صبا قمر سان گڏ ڪم ڪري رهيو هو ته مون هن سان جهيڙو ڪندي چيو ته صبا سان گڏ مون کي ڪم ڪرڻو هو زارا چيو ته جيڪڏهن صبا قمر سان گڏ ڪرڻو هوندو ته ان جي لاءِ مان مرد به بڻجي سگهان ٿي ياد رهي ته اداڪاره زارا نور ان کان اڳ به سوشل ميڊيا پوسٽس ذريعي ڪيترائي ڀيرا صبا قمر جي لاءِ پسنديدگي جو اطهار ڪري چڪي آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو