ڪراچي: تحريڪ لبيڪ پاڪستان پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف اڄ سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي.
هڙتال کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ۾ کھارادر، برنس روڊ، اولڊ سٽي ايريا ۾ ڪٿي ڪٿي هوٽلون بند آهن، جڏهن ته شهر ۾ بدامني سبب ڪيترائي اسڪول به اڄ بند آهن پر روڊن تي ٽرانسپورٽ هلي رهي آهي.ٻئي طرف هڙتال جي سڏ سبب نوابشاهه ۾ چڪرا بازار، مارڪيٽ روڊ ۽ اسڪرنڊ روڊ تي دڪان بند آهن، جڏهن ته قاضي احمد شهر ۾ به دڪان بند آهن ۽ ٽريفڪ معمول کان گهٽ آهي.سجاول ۾ پبلڪ پارڪ، مين بس اسٽاپ، هوٽلون ۽ پيٽرول پمپ سميت تجارتي مرڪز بند آهن، جڏهن ته حب جي اوٿل، ونڊار ۽ بيلا ۾ شٽر ڊائون هڙتال آهي.
ان موقعي تي ڪاروباري مرڪز ۽ پيٽرول پمپ به بند آهن.