ليفٽيننٽ جنرل(ر) امجد شعيب اسلام آباد مان گرفتار

اسلام آباد: ليفٽيننٽ جنرل(ر) امجد شعيب کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو آهي. جنهن کان پوءِ کيس اسلام آباد جي سيشن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. امجد شعيب کي جوڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. رمنا ٿاڻي جي جاچ آفيسر پراسيڪيوٽر ۽ امجد شعيب جي ليگل ٽيم به عدالت ۾ پيش ٿي. پراسيڪيوشن طرفان امجد شعيب جي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي آهي.پوليس ذريعن موجب اسلام آباد ۾ رمنا ٿاڻي جي پوليس ليفٽيننٽ جنرل(ر) امجد شعيب کي سندس گهر مان گرفتار ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل(ر) امجد شعيب تي عوام کي ادارن ۽ حڪومت خلاف ڀڙڪائڻ جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ليفٽيننٽ جنرل(ر) امجد شعيب تي ايف آءِ آر مئجسٽريٽ اويس خان جي مدعيت ۾ داخل ڪئي وئي آهي.