اٽلي ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 59 ڄڻا فوت، 12 ٻار به شامل

روم: اٽلي ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 59 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا جنهن ۾ 12 معصوم ٻارڙا به شامل آهن.اٽلي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ريسڪيو اپريشن دوران 81 ڄڻن کي بچايو ويو آهي. اختيارين موجب ٻيڙي ۾ پاڪستانين سميت 200 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا. حادثي ۾ 81 ڄڻن کي بچايو ويو آهي جنهن ۾ 20 اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.اختيارين موجب ٻيڙي ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا، جنهن مان 30 ڄڻا اڃان تائي گم آهن. ترڪيه مان روانو ٿيندڙ ٻيڙي ۾ پاڪستان، افغانستان، ايران سميت ٻين ملڪن جا شهري به شامل آهن.وزيراعظم شهباز شريف طرفان حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اٽلي ۾ ٻه درجن کان وڌيڪ پاڪستانين سميت ماڻهن جي ٻڏي وڃڻ واري خبر ڳڻتي جوڳي آهي. وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهي آفيس کي انگ اکر گڏ ڪري قوم کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.