ٺڪراٺو ۾ اسٽوڊنٽس ايڪٽوٽي نالي سان ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ لڳايو ويو

ٺڪراٺو ۾ اسٽوڊنٽس ايڪٽوٽي نالي سان ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ لڳايو ويو مبارڪپور اسڪول ۽ ٺڪراٺو اسڪول جي ٽيمن ۾ فائنل جو مقابلو ٺڪراٺو ھاير سيڪنڊري جي ٽيم فائنل ميچ کٽي ٽورنامينٽ پنھنجي نالي ڪري ڇڏيو رانديگرن ۾ انعام ورھايا ويا ٺڪراٺو (رپورٽ) ٺڪراٺو ۾ اسٽوڊنٽس ايڪٽوٽي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ لڳايو ويو جنھن ۾ سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن جي 12 ٽيمن حصو ورتو جنھن جو فائنل گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ٺڪراٺو ۽ ھاير سيڪنڊري اسڪول مبارڪپور وچ ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ مبارڪپور ھاير سيڪنڊري اسڪول ٽيم پھريان بيٽنگ ڪئي جنھن 8 اوورن ۾ 48 اسڪول جو ٽارگيٽ ڏنو جنھن کي ٺڪراٺو ھاير سيڪنڊري اسڪول جي ٽيم 3 اوورن ۾ ھڪ وڪيٽ جي نقصان تي چيس ڪري فائنل پنھنجي نالي ڪري ورتو ۽ رانديگرن ۾ ٽرافيون ۽ مڊل ورھايا ويا ان موقعي تي ٽورنامينٽ آرگنائيزر استاد پرويز احمد مھتم طاھر حسين مھتم محمد حسن منگي ٻڍل راڄڙ لونگ احمد راڄڙ محمد صادق مھر وقار احمد مھتم سميت استادن ۽ شاگردن ٻڌايو ته اھڙين سرگرمين سان شاگردن ۾ دلچسپي وڌي ٿي ۽ ھو تعليمي ميدان ۾ به ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا ھنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آھي ته ٺڪراٺو شھر ۾ گرائونڊ ٺھرائي ڏنو وڃي ته جيئن اھڙيون سرگرميون جاري رکي س