سکر (بيورورپورٽ) سول ڊفينس آرگنائيزيشن سکر جي ڊپٽي چيف وارڊن ڊاڪٽر سعيد اعواڻ موجب سول ڊفينس پاران عالمي سول ڊفينس ڊي جي موقعي تي 1 مارچ 2023 اربع تي صبح 9 وڳي هڪ تربيتي ۽ آگاهي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويندو. گورنمينٽ اسلاميه سائنس ڪاليج جي شاگردن کي فرسٽ ايڊ، ريسڪيو، فائر فائٽنگ ۽ ٽريننگ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا. سول ڊفينس جو عالمي ڏهاڙو شاندار نموني ملهايو ويندو. رضاڪار عظيم آهن اڄ پاڪستان کي اهڙن ماڻهن جي وڌيڪ ضرورت آهي. سول ڊفينس آرگنائيزيشن هن وقت خلق خدا جي خدمت جو منظم ۽ متحرڪ ادارو آهي، ٻين لاءِ ڪم ڪرڻ وارن جي زندگي امر ٿي ويندي آهي. عوام جي خدمت جو جذبو عظيم جذبو آهي، محبت ۽ خدمت ذريعي ئي ڏکايل انسانيت ۾ تبديلي آڻي سگهجي ٿي.