سکر جي پرائوشنل بلڊنگس کاتي ۾ من پسند ماڻهن جي برٿين خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پيپلز ليبر الائنس ورڪس انڊ سروسز سنڌ پاران احتجاجي اجلاس بعد ايگزيڪٽيو انجنير پرائوشنل بلڊنگس سکر جي

سکر جي پرائوشنل بلڊنگس کاتي ۾ من پسند ماڻهن جي برٿين خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پيپلز ليبر الائنس ورڪس انڊ سروسز سنڌ پاران احتجاجي اجلاس بعد ايگزيڪٽيو انجنير پرائوشنل بلڊنگس سکر جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پيپلز ليبر الائنس ورڪس انڊ سروسز سنڌ جي جنرل سيڪريٽري نياز حسين شيخ۔سينيئس جوائنٽ سيڪريٽري هائيويز حمزا علي جلباڻي۔وائيس چيئرمين هائويز يونين غلام نبي لاشاري۔ريجنل صدر زاهد علي لاشاري۔سينئر نائب صدر امداد علي۔جاويد احمد۔منٺارعلي خاصخيلي ۽ ٻين چيوته ايگزيڪٽيو انجنير پرائوشنل بلڊنگس دانو مل 12 کان وڌيڪ بوگس برٿيون ڪيون آھن فوتي ملازمن ۽ ريٽائرڊ ملازمن جي اولادن کي نوڪريون ڏيڻ بجاء من پسند سفارشي ۽ رشوت عيوض ماڻهون برٿي ڪري ملازمن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آھي جيڪڏهن جاري ڪيل آرڊر ڪينسل نه ڪيا ويا ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ سميت عدالت وينداسين۔اڳواڻن چيو ته جيسي تائين مطالبن تي عمل نه ٿيندو ان وقت تائين خاموش ٿي نه ويهنداسين۔