عدليا ۽ بئنچ اندر ورهاست انصاف جي نظام تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن: شيري رحمان

اسلام آباد: ماحوليات بابت وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته عدليا ۽ بئنچ اندر ورهاست انصاف جي نظام تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته بئنچ ۾ شامل ججن ئي پاڻمرادي نوٽيس ۽ اسيمبليون ٽوڙڻ تي اعتراض اٿاريا آهن.هن مطالبو ڪيو ته اعليٰ عدالت فل ڪورٽ بئنچ جوڙي عدليا ۾ ورهاست ۽ ”هم خيال بئنچ“ جو تاثر ختم ڪري.سندس چوڻ هو ته آرٽيڪل 63 جي تشريح تي به فل ڪورٽ بئنچ جو جائز مطالبو رد ڪيو ويو هو، ان فيصلي سبب هڪ جماعت کي فائدو ٿيو ۽ عدالت ۾ وراهست کليل نموني سامهون اچي وئي، هڪ ڀيرو ٻيهر معزز عدليا کي پنهنجو ورهايل ۽ تڪراري تاثر ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.