ٺٽو: سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه شيڊول کان هٽي اوچتو ٻوڏ متاثر علائقي ٺٽي جي دوري لاءِ پهچي ويو سيد مراد علي شاهه پاران اوچتو ٺٽو پهچڻ تي آفيسرن جون ڊوڙون لڳي ويون رپورٽ موجب سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ٻوڏ ۽ برساتن دوران ٿيندڙ تباهين جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ ٺٽو پهتو شيڊول موجب وڏي وزير کي ڊي سي آفيس ۾ بريفنگ کان پوءِ ٽينٽ سٽي جو دورو ڪرڻو هو پر هو مڪلي پهچي اوچتو تعلقه گهوڙا ٻاري جي امدادي ڪيمپن ۽ صحت مرڪزن جو دورو ڪيو سيد مراد علي شاهه هڪ امدادي ڪيمپ ۾ پهتو جتي هن متاثر ماڻهن کان ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ ٺٽي جي ڊي سي کي ضروري هدايتون جاري ڪيون وڏي وزير گيل موري جي حيات يونٽ جو پڻ دورو ڪيو جتي هن عملي کان بيمارين جا تفصيل پڇيا ۽ صحت کاتي جي آفيسرن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون ان کان پوءِ وڏو وزير گيل موري جي بند تي پناهه وٺندڙ متاثرين سان ملاقات ڪرڻ پهتو جتي هن متاثرين جون شڪايتون ٻڌيون هڪ بزرگ پاران بلڊ پريشر جي شڪايت تي وڏي وزير پنهنجو ۽ ان بزرگ شخص جو بلڊ پريشر چيڪ ڪرايو وڏي وزير جي دوري دوران ڪيمپ تي موجود هڪ مريض سنڌ جي وڏي وزير کي چيو ته مون کي بخار آهي انجيڪشن ڏيو اتي موجود ڊاڪٽر چيو ته هن مريض کي انجيڪشن جي ضرورت ناهي سنڌ جي وڏي وزير مريض کي چيو ته ڊاڪٽر کي فيصلو ڪرڻ ڏيو پاڻ ڊاڪٽر نه بڻجو جنهن بعد مريض خاموش ٿي ويو وڏي وزير جي دوري دوران هڪ ٻوڏ متاثر وڏي وزير کان فون نمبر ورتو وڏي وزير ان همراهه کان سوال ڪيو ته درياهه جي بند تي فون ڪيئن ٿا چارج ڪيو متاثر وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڀرسان مسجد آهي اتي سولر لڳل آهي اتي موبائل چارج ڪندو آهيان وڏي وزير کيس وراڻيو ته مسجد ۾ پهريان نماز پڙهي دعا ڪندا ڪريو پوءِ موبائيل چارج ڪندا ڪريو ٻوڏ متاثرن سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته اسان جا 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن تي وڏي وزير متاثرن جا مسئلا حل نه ڪرڻ تي ضلعي انتظاميا تي ڪاوڙ جو اطهار ڪيو ۽ ڪيمپ ۾ مريضن کي دوائون ڏيڻ جي هدايت ڪئي ان موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته متاثرين ذريعي امدادي ڪيمپن ۾ پنج فوتگين جو ذڪر ٻڌو آهي جنهن تي صحت کاتي کان سختي سان پڇاڳاڇا ڪئي آهي جڏهن ته صوبائي وزير کي خط پڻ لکيو آهي وڏي وزير چيو ته درياءَ جي پاڻي ۾ لاٿ اچي رهي آهي ايندڙ ٻن ڏينهن دوران پاڻي ۾ ڪافي گهٽتائي اچي ويندي ٻوڏ متاثرين جو انگ وڌيڪ هجڻ سبب خيما گهٽ ٿي ويا آهن جنهن جي لاءِ وفاقي حڪومت کان وڌيڪ خيما گهرائڻ ۽ ٻيون سهولتون ڏئي رهيا آهيون جنهن کان پوءِ متاثرين جي واپسي جو عمل شروع ٿي ويندو وڏي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرن جون شڪايتون جائز آهن پر ائين به ناهي ته هنن کي ڪجهه به ناهي مليو هنن کي گهڻو ڪجهه ڏنو ويو آهي ٻوڏ سبب سنڌ جا 24 ضلعا متاثر ٿيا آهن جن جي پي ڊي ايم ۽ صوبائي حڪومت مدد ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ ٻين ملڪن جي مدد سان وڌيڪ ڪيمپ ورهايا ويا آهن
